سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ

سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ (Sindh Before the Muslim Conquest) ڪتاب: سنڌي ادبي بورڊ جي ’سنڌ جي تاريخ- سلسلي‘ جو ٻيو جلد به ايڇ. ٽي. لئمبرڪ تيار ڪيو هو. ان جو انگريزيءَ ۾ نالو Sindh Before the Muslim Conquest هو، جنهن جا ٻه ڇاپا، 1973ع ۽ 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا هئا. ٻئي ڇاپي جي قيمت 150 روپيا هئي ۽ ان جا صفحا 218 هئا، جڏهن ته هن جو سنڌي ترجمو ”سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ“ عنوان سان سومار علي سومري ڪيو ۽ ان جي تصحيح محمد ابراهيم جويي ڪئي هئي. سنڌي ترجمي جا هن وقت تائين ٽي ڇاپا، ترتيبوار 1984ع، 1990ع ۽ 2005ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. هي جلد 11 بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
باب 1: سنڌو تهذيب، اُن جو اُسرن ۽ ڦهلجڻ، باب 2: سنڌو تهذيب، عروج ۽ زوال، باب 3: سنڌ جي قديم روايتي تاريخ، باب 4: سنڌ، ايران جي هخامنشي بادشاهن جي هٿ هيٺ، باب 5: سڪندراعظم جي ڪاهه، باب 6: سنڌ، موريا گهراڻي وارن ۽ بئڪٽريا وارن يونانين جي زماني ۾، باب 7: سنڌ سٿين ۽ پارٿين لوڪن جي هٿ هيٺ، باب 8: سنڌ، عيسوي سن جي پهرين پنجن صدين دوران، باب 9: سنڌ جو ٻڌ ڌرم وارو راءِ گهراڻو، باب 10: چچ جو قبضو، ۽ باب 11: سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو زوال.
ڪتاب جي آخر ۾ لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال، نامور اديب ۽ عالم غلام رباني آگري ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو جو لکيل ڏنو ويو آهي، آخر ۾ ڊاڪٽر ابوسلمان شاهجهانپوريءَ جي ڏسڻي
(Index) به ڏني وئي آهي. سنڌي ترجمي جو ٽيون ڇاپو ڊيمي سائيز جي 280 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 160 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو